سيد محسن شاهه بخاري

سيد محسن شاهه بخاري

بخاري سيد محسن شاهه

بخاري، سيد محسن شاهه: سيد محسن شاهه بخاري، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايل ايل بي حيدرآباد لا ڪاليج مان ڪيائين. هو شاگرديءَ واري زماني کان پ پ سان واڳيل رهيو ۽ شاگرد تنظيم سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندي قيد پڻ ڪاٽي چڪو آهي. هو 1988، 1990، 1993، 1997 ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر رهيو ۽ وزير خوراڪ پڻ رهيو. چين، فرانس، ڪوريا، سعودي عرب، آمريڪا، انگلينڊ ۽ ازبڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي. 2008ع واري چونڊ کٽڻ کانپوءِ زراعت ۽ چوپائي مال بابت سنڌ اسيمبلي جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر رهيو. پاڻ 13 جنوري 2012ع تي ڪينسر جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.04.24  عيسوي

سيد محسن شاهه بخاري ، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو . هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيبي صغرا آپا
انجينئر اوڀايو خشڪ
محمد صالح راهوجو
علياڻي ڪبير خان
شاهاڻي صاحب سنگھه
دريا خان جکراڻي
چنيسر
زورآور سنگهه
سمر سجوڙو
سڪندراعظم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون